راضي فقير رند

راضي فقير رند: راضي فقير رند لاڙ جو لوڪ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مولود، ڪافيون، وايون ۽ بيت سڄيءَ سنڌ ۾ ڳايا ۽ پسند ڪيا وڃن ٿا. سندس ڪلام کي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۽ سگھڙن جي محفلن ۾ عام مقبوليت حاصل آهي. راضي فقير رند 1705ع ڌاري تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ جمعي رند ۾ڄائو. سندس خاندان ۾ ڪيترا عالم ۽ صاحب ايمان بزرگ ٿي گذريا آهن.
راضي فقير هڪ سچو صوفي ۽ فقير صفت انسان هو. تعصب، ٻيائي ۽ نفرت کان هميشه پري رهيو ۽ پنهنجي طالبن کي به سدائين اها هدايت ڪيائين.
راضي فقير رند جو ڪلام سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي عام گھاڙيٽن: بيتن، واين، ڪافين ۽ مولودن تي ٻڌل آهي. لاڙ جي هڪ استاد ماستر محمد قاسم سمي راضي فقير رند جي رسالي جا ٻه حصا 1972ع ۽ 1982ع ۾ ’راضي فقير رند جو رسالو‘ عنوان سان ڇپائي پڌرا ڪيا. راضي فقير رند 30 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه بزرگ راڄسين جي مقام ۾ آهي.


لفظ راضي فقير رندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.30  عيسوي

راضي فقير رند 30 نومبر 1982ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه بزرگ راڄسين جي مقام ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راز ناٿن شاهي
عادل سخيراڻي
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
رحمت الله پيرزادو اول
خواجه غلام حسين ملنگ
رابندرناٿ ٽئگور
اسد الله شاهه بيخود حسيني
محمد عثمان جمالي
دائم فقير
علي دوست عاجز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون